سانگهڙ(رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي)

سانگهڙ(رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن جي صوبائي صدر ڄام غلام قادر انڙ جي صدارت هيٺ آئي ايڇ آر او ضلعي سانگهڙ جي گڏجاڻي ٿي گزري گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو ويو ته ضلعي سانگهڙ جي تمام عهديدارن ۽ ميمبرن جي مان ۾ ضلعي سانگهڙ ۽ تعلقي سانگهڙ جي عهديدارن طرفان جمعين جي ڏينهن شام جو عيد ملن پارٽي منعقد ڪئي ويندي ان کان علاوه گڏجاڻي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ چوڏهن آگسٽ تي مختلف پروگرام منعقد ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا ان کان علاوه 10 محرم تي سانگهڙ ۾ ماتمي جلوس دوران هرسال جيان ميڊيڪل ڪيمپ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو گڏجاڻي دوران سانگهڙ ضلعي جي اندر سماجي برائين جي روڪٿام لاء تجويزون زير غور آيون جنهن بعد اهو طئي ڪيو ويو ته تمام جلد سماجي برائين خلاف لائح عمل جوڙيو ويندو ۽ متعلقه ادارن سان لک پڙھ پڻ ڪئي ويندي انهيء موقعي تي صوبائي صدر ڄام غلام قادر انڙ جو چوڻ هو ته جمعين جي ڏينهن ضلعي سانگهڙ جي تمام عهديدارن جي عيد ملن پارٽي جو مقصد اهو آهي ته سڀئي هڪ جاء تي گڏ ٿين ۽ نون توڙي پراڻن ميمبرن جي تعارف ٿيڻ سان گڏو گڏ تنظيم جي ميمبرن ۽ عهديدارن جو پاڻ ۾ رابطو بهتر ٿي سگهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عيد ملن پارٽي کان بعد ۾ تمام جلد سماجي برائين سميت ٻين مختلف اشوز تي عملي جدوجهد جو آغاز ڪيو ويندو ۽ جشن آزادي کي ڀرپور نموني ملهايو ويندو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 10 محرم تي سانگهڙ ۾ منعقد ٿيندڙ ماتمي جلوس دوران اسان جا آئي ايڇ آر او جا ورڪر هرسال جيان رضاڪار طور پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندا ۽ هر سال جيان اسان جي تنظيم طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ پڻ لڳائي ويندي گڏجاڻي ۾ ڊويزنل انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو ضلعي سانگهڙ جي صدر محبوب چانڊيو ضلعي جنرل سيڪريٽري فضل الرحمان لغاري تعلقي سانگهڙ جي صدر غلام رسول بهڻ تعلقي سانگهڙ جي جوائنٽ سيڪريٽري نديم لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي