9

زمين جي گولائي برابر اٺاسي سالن جي آمريڪي جو پيرين پنڌ سفر

نيويارڪ: 88 سالن جي آمريڪي پيرين پنڌ ايترو فاصلو طئي ڪيو جيڪو زمين جي چوڌاري چڪر لڳائڻ لاءِ ڪافي آهي، يعني24900 ميلن جو فاصلو طئي ڪري چڪو آهي جيڪو زمين جي گهير برابر آهي.

بريڊ بيداوي کي اهڙو مشورو سندس ڊاڪٽر ان وقت ڏنو هو جڏهن هو 50 سالن جو هو ۽ ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ٿي چڪو هو، ان وقت کيس ذيابيطس، دل جو مرض ۽ صحت جا ٻيا مسئلا ٿيا، ان موقعي تي سندس ڊاڪٽر بريڊ کي روزانو ٽي ميل هلڻ جي صلاح ڏني.

ان نصيحت جو هن تي اهڙو اثر پيو جو 1988 ۾ هو ٻئي ڏينهن پيرين پنڌ لٺ سان هلڻ لڳو، آهستي آهستي هن جي عادت ٿيندي وئي ۽ جلد ئي پوري شهر ۾ پنڌ هليو، ان کانپوءِ هن هر موسم ۾ پنڌ ڪيو ۽ ڪن وقتن ۾ هڪ ڏينهن دوران ڏهه ڏهه ميل هليو.

پنهنجي سفر ۾ هن ڪيترين ئي جاين جي صفائي به ڪئي، ڪٿان اجايو سجايو سامان به کنيو جنهن کي وڪڻي هو ست هزار ڊالر به ڪمائي چڪو آهي، اهڙيءَ طرح اهو سفر جاري رهيو ۽ بريڊ پنهنجي زندگيءَ جو طويل سفر پيرين پنڌ ڪري چڪو آهي جيڪو زمين جي چوڌاري فاصلي جي برابر آهي.

پنهنجي سفر دوران هو ڪيترن ئي آمريڪي شهرن ۾ ويو ۽ ڪافي دوست به ٺاهيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں