7

روھڙي( رپورٽر واحد بخش ميراڻي )

روهڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لونگ ڀٽي 4نمبر گيٽ ڪالوني ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي لٺيون سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي اسپتال منتقل تفصيل موجب روهڙي جي علائقي 4نمبر گيٽ ڪالوني ۾ شيخ برادريء جي ٻن ڌرين جو سگا وٽي تان جهيڙو سروٽن لٺين جو وسڪارو عورتن سميت ٻنهي ڌرين جا 10ماڻهو زخمي ٿي پيا ٻنهي ڌرين کي ٿاڻي تي پهچايو ويو پوليس ٻنهي ڌرين جي ماڻهن کي علاج ڪرڻ لاءِ اين سي داخل ڪري ليٽر ڏئي تعلقہ اسپتال روهڙي منتقل ڪري ڇڏيو جتي ضروري طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ زخمين کي گهر اماڻيو ويو زخمين ۾ نبيل ماجد علي؛ منيراحمد؛ڪاشف ۽ ٻہ عورتون به شامل آهن ڪجهه سالن کان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن تان جهيڙو ٿي پيو آهي جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته جهيڙو پئسن جي ڏيتي ليٽي تان ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 10ماڻھو زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته آخري اطلاعن تائين جهيڙو ڪيس روهڙي ٿاڻي تي داخل نه ڪيو ويو هو

اپنا تبصرہ بھیجیں