3

روپئي جي قدر ۾ اضافو، سون وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي: انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ قدر ۾ وڌيڪ 18 پيسا اضافي بعد ڊالر جي مقابلي ۾ روپيو ڇهه مهينن جي بلند ترين سطح تي اچي ويو.

اسٽيٽ بينڪ موجب انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ 18 پيسن جو اضافو ٿيو جنهن کانپوءِ اهو 158 روپيا 91 پيسا جي سطح تي اچي ويو.

ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي موجوده قدر ساڍن ڇهه مهينن ۾ بهترين سطح آهي ۽ 26 آگسٽ کانپوءِ ان قدر ۾ 9 روپيا 52 پيسا (5.6 سيڪڙو) جو اضافو ٿيو.

26 آگسٽ تي روپئي جي قدر تاريخ جي گهٽ سطح 168 روپيا 52 پيسا کان اڳتي هئي.

اوپن مارڪيٽ ۾ سومر جي ڏينهن روپئي جي قدر ۾ 20 پيسن جي گهٽتائي ٿي جنهن کانپوءِ اهو 158 روپيا 80 پيسا جي سطح تي اچي ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں