9

راڄوخاناڻي ۾ سارين جو فصل لهي ويو، واپارين من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا

راڄوخاناڻي (رپورٽ: جنيد مير) راڄوخاناڻي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موجود سارين جو نئون فصل لھي مارڪيٽ ۾ پھچي ويو آهي پر واپارين جي ھڪ ھٽي سبب سارين جو اگهه پنهنجي مرضي مطابق مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ھن وقت سارين جو اگهه ھڪ ھزار کان وٺي 14 سئو روپين تائين مقرر ڪري ساريون خريد ڪري رهيا آهن.

ٻئي طرف في مڻ تان ٻن کان چار ڪلو جي ڪٽوتي پڻ ڪري رهيا آهن جڏهن تہ برسات جون متاثر ساريون نو سئو کان هڪ ھزار في مڻ اگهه تي خريد ڪن پيا تہ ٺيڪ ڪوالٽي واريون ساريون وري تيرنهن سئو کان چوڏانھن سئو جي قيمت ۾ خريد ڪري رھيا آھن، راڄوخاناڻي جي مختلف ھارين آبادگارن جو چوڻ آھي ته ھڪڙي پاسي برساتن جي ڪري فصلن کي نقصان پھتو آھي ته ٻئي طرف وري لھندڙ فصلن جا اگهه تمام گھٽ آھن جڏھن ته فصلن جي في ايڪڙ تي خرچ جنھن ۾ ٻج، دوائون، کيڙي ۽ ڀاڻ سميت في ايڪڙي تي 50 ھزار کان 60 ھزار تائين جو خرچ ٿئي ٿو جڏهن تہ ھڪ پاسي واپارين جون من مستيون آھن ته ٻئي طرف وري سنڌ يا وفاقي سرڪار پاران سارين جي ڪا سارڪاري قيمت مقرر نه ڪئي وئي آھي جنهن ڪري آبادگارن کي شديد پريشانين ۽ نقصانن کي منھن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

آبادگارن مطالبو ڪيو ته سارين جو اگهه في مڻ سترنھن 17 سو کان ٻه ھزار مقرر ڪري زميندارن توڙي ھارين کي تباھي ۽ برباديءَ کان بچايو وڃي، ٻئي پاسي اھي به اطلاع آهن ته سارين مان موسچر يا گھميل ساريون ھجڻ جو جواز ڄاڻائي في مڻ تي ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں