11

دادو ۾ پاپوليشن ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

دادو(رپورٽ: ارباب رستماڻي) دادو ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ قلم ڇڏ هڙتال ڪندي آفيس جي تالا بندي ڪري ضلع آفيس کان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي دادو پريس ڪلب تائين پيادل ريلي ڪڍي دادو شهر مک روڊ ڪهچري روڊ تي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي يونس اتيرو،شفيع محمد سومرو،فوزيا،حميده، حسينا ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته سنڌ حڪومت پاران پاپوليشن کاتي فلاحي مرڪزن ۽ ايم ايس يو ايس کي صحت کاتي حوالي ڪرڻ عمل صحيح ناهي اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ڊيلي ويجز تي مقرر ڪيل ملازمن کي ريگيولر ڪري ميل موبلائيزر کي اپ گريڊ ڪيو وڃي ۽ پاپوليشن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي.

هنن چيو ته ڪرونا سبب حڪومت آفيسون ۽ فلاحي مرڪز بند ڪيا جنهن ڪري پراگريس تي اثر پيو،ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں