5

( دادورپورٽ علي محمد ملاح )

( دادورپورٽ علي محمد ملاح ) آپڪا آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسئيشن ضلع دادو پاران سرڪاري ملازمن جي جائز حقن ۽ ٻين مسئلن جي حل لاء احتجاجي ريلي علامه آء آء قاضي لائبرري کان شروع ٿي جيڪا شھر جي مختلف روٽن ۽ چوراهن کان ٿيندي دادو پريس ڪلب پهتي، ريلي جي اڳواڻي آپڪا ضلع دادو جي چيئرمين منيراحمد سيال، پروفيسر محمد عرفان ڪلهوڙو، آپڪا رابطه سيڪريٽري جمال الله جمالي،آپڪا جنرل سيڪريٽري شاهد ميراڻي، صوبائي آپڪا اڳواڻ احمد علي ڏاهري، سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو، سليم اختر پنهور ۽ ٻين ڪئي۔ آپڪا اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ملازمن کي اعلانيل 25 سيڪڙو الائونس پگهار ۾ ضم ڪري ڏنا وڃن، سنڌ جي ملازمن جو ديرينا مطالبو گروپ انشورنس جڪو پگهار مان ڪاٽيو ويو آھي ۽ اڃان جو ڪٽوتي جاري آھي، خدارا رحم کائي گروپ انشورنس صوبائي رٽائرڊ ملازمن ۽ حاضر سروس ملازمن کي ڏيئي انصاف ڪيو وڃي۔ سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي يوٽليٽي الائونس پگهار ۾ ضم ڪيو وڃي، ان کان علاوه جيڪي به جائز مطالبا مڃيا وڃن، ته جيئن ملازمن مان بيچيني ختم ٿي سگهي۔ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني ملازمن پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد، آپڪا زنده آباد جا نعرا هنيا ويا، هنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريبن کي جيئڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي، ان موقعي تي آپڪا ضلعي اڳواڻ منير احمد سيال سرڪاري ملازمن کي اپيل ڪندي چيو ته پنهنجي جائز حقن جي حاصلات لاء سڀني تنظيمن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ٿي ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت ڏيئي عملي جدوجهد ڪرڻ گهرجي۔

اپنا تبصرہ بھیجیں