7

حليمه سلطان کانپوءِ هڪ ٻي ترڪش اداڪاره پاڪستانين سبب پريشان

ڪراچي: ترڪ ڊراما سيريل”ارطغرل غازي“ جي اداڪاره حليمه سلطان کانپوءِ هڪ ٻي ترڪش اداڪاره هاندي سوباسي به پاڪستانين پاران لباس تي تنقيد ۽ منفي تبصرن جي ڪري پريشان ٿي وئي.

ترڪي جي مشهور ڊرامي”ارطغرل غازي“ پاڪستان ۾ نه صرف مشهوري جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا پر پاڪستاني عوام ڊرامي جي ڪردارن کي حقيقي به سمجهڻ لڳو، تڏهن ئي سندن جي ذاتي زندگي ۽ ان جي لباس تي تنقيد ڪندا رهيا آهن.

ڪجهه وقت پهريان پاڪستانين اداڪاره اسريٰ بلگيچ (حليمه سلطان) پاران اولهه جو لباس پائڻ تي مٿس سخت تنقيد ڪئي هئي تيئن ”ارطغرل غازي“ ۾ آئيڪيز هاتون جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره هاندي سوباسي سان به ڪجهه ائين ٿي رهيو آهي.

ان حوالي سان هاندي جو چوڻ هو ته منهنجو ڪم صرف پنهنجي پيشوراڻي ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ هو ۽ آئيڪيز جي ڪردار کي زندگي ڏيڻي هئي پر اها شيءِ مونکي آئيڪز نٿي بڻائي آئون اصل زندگي ۾ هاندي آهيان.

هن وڌيڪ چيو ته آئون ان ڪردار کي پسند ڪرڻ تي پنهنجي مداحن جي ٿورائتي آهيان پر پنهنجي ذاتي زندگي ۾ پلئه پوندڙ منفي تبصرن ۽ تنقيد تي بلڪل خوش ناهيان.

اپنا تبصرہ بھیجیں