4

جوھي رپورٽ : نوراحمد لغاري

جوھي ( رپورٽ : نوراحمد لغاري ) جوھي شھر جي نئين ڪالوني ڀرسان معصوم ڀاء ڀيڻ ٽريڪٽر ٽرالي ھيٺيان چيڀاٽجي فوت , خبر موجب غريب پورھيت وزير علي ٿھيم جا ٻه معصوم ٻارڙا اٺن سالن جي معصوم نينگري بينظير ۽ چار سالن جو معصوم نينگر شمن علي گھر ٻاھران دوڪان مان شيون وٺڻ لاء رھيا ھئا ته روڊ تي تيز رفتار سان ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي ھيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا , بيدردي سان چيڀاٽجي فوت ٿي ويل معصوم ڀاء ڀيڻ جا لاش تعلقه اسپتال جوھي آندا ويا , جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا , معصوم ڀاء ڀيڻ جا لاش گھر پھڇڻ تي ڪھرام مچي ويو , سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا , ھوڏانھن حادثي بعد ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور ٽريڪٽر سميت فرار ٿي ويو ,

اپنا تبصرہ بھیجیں