11

جنگ ۽ مفاهمت گڏ نٿا هلي سگهن، افغانستان ۾ امن لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد: (سومر 14  جون 2021ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جنگ ۽ مفاهمت گڏ نٿا هلي سگهن. اسلام آباد ۾ پاڪستان، افغانستان ٻطرفين ڳالهين جي افتتاحي سيشن کي خطاب دوران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ دنيا جو نظريو هاڻ تبديل ٿي چڪو اهي.

امن سڀني جي خواهش آهي. افغانستان جو امن خطي جي مستقبل لاءِ اهم آهي.   پاڪستان پرامن خوشحال ۽ خودمختار افغانستان جو خواهشمند آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا. افغانستان ۾ امن جي قيام واري پاڪستاني ڪوششن جي عالمي سطح تي  تعريف ڪئي وئي. آمريڪا سمجهي ٿو ته خطي جي مسئلي جو حل پاڪستان جي مدد سان ممڪن آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته جنگ ۽ مفاهمت گڏ نٿا هلي سگهن. اڄ افغانستان بدلجي چڪو آهي. افغانستان جو مسئلو سياسي ڳالهين جي ذريعي ئي حل ٿي سگهي ٿو. افغانستان جي قومي سلامتي واري صلاحڪار جي بيان مايوس ڪيو. اهڙا بيان امن جي ڪوشش کي نقصان پهچائيندا آهن. افغانستان جي قيادت ۽ ٻيا پاڪستان تي ڀروسو ڪن ماضي وساري اڳيان وڌو.

اپنا تبصرہ بھیجیں