8

جماعت اسلامي پاران گستاخ خاڪن خلاف جمعي کان احتجاج جو اعلان

ڪراچي: جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سينيٽر سراج الحق جي اپيل تي فرانس ۾ گستاخ خاڪن جي ٻيهر اشاعت خلاف جمعه 30 آڪٽوبر تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سموري سنڌ ۾ پريس ڪلبز، مسجدن، اهم چوڪ چوراهن ۽ عوامي هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ۽ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا، جن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي، صوبائي ۽ ضلعي توڙي مقامي اڳواڻن سميت علماءَ ڪرام، اقليتي برادريءَ جا نمائندا پڻ خطاب ڪندا.

ٻئي طرف جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي  ته فرانس خلاف سخت معاشي، سياسي ۽ سوشل بائيڪاٽ جي ضرورت آهي، فقط قراردادون ۽ ٽوئٽر تي بيان بازي سان اولهه ڪڏهن به پنهنجي ڪريل حرڪتن کان نه مُڙندو، اڳ ۾ صرف ڪجهه ماڻهن ۽ انتهاپسند ٽولن پاران اهڙي قسم جا خاڪا شايع ۽ اسلام جي توهين ڪئي ويندي هئي پر مسلمان حڪمرانن جي خاموش تماشائي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري هاڻي اولهه رياستي سطح تي دنيا جي عظيم هستي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي توهين ڪري رهيو آهي.

ان سموري عمل کي ختم ڪرڻ لاءِ مسلم دنيا ۾ احتجاج ڪافي ڪونه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته امت مسلمه ۽ مسلمان حڪمران گڏيل طور تي فرانس مان پنهنجي سفيرن کي واپس ۽ سندس سفيرن کي ملڪ نيڪالي ڏئي گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ تي ڀرپور ردِعمل ظاهر ڪن.

اپنا تبصرہ بھیجیں