جعفري ھائوس تي ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ جي مان ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي۔ تقريب ۾ سياسي سماجي مذھبي وڪيلن صحافين ۽ واپارين شرڪت ڪئي، شھرين واپارين جون پيش ڪيل تجويزن تي ايس ايس پي خيرپور پارن بروقت حڪم ڏنا ويا، تفصيل موجب جعفري ھائوس تي ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفراقبال جي مان ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي،تقريب جو ميزبان نوجوان صحافي علي جعفري هيو ، ان موقعي تي واپاري اڳواڻ سيد ممتاز شاھ محمدڇٽل ملاح حاجي غلام حسين ملاح ،صحافي اڪبرشاھاڻي خطاب ڪندي چيو تہ خيرپور ۾ ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ جي مقرر ٿيڻ کان پوء امن امان جي صورتحال بھتر ٿي آھي ۽ واپاري پاڻ کي محفوظ سمجھن ٿا ۔ جڏ ھن تہ ڪيترن ئي واپارين جا ٿيل ڏوھ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري واپس ڪرايا ويا آھن ھنن راڻيپور ۽ ان جي آس پاس ۾ امن امان جي فضا کي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ اضافي پوليس نفري ۽ بهتر پوليسنگ جون بنيادي سهولتن ۾ مدد طلب ڪئي ،جنهن تي ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفراقبال خطاب ڪندي چيو تہ ضلعي جي عوام کي تحفظ ڏيڻ منھنجو اولين فرض آھي ۽ واپارين کي هر صورت مڪمل تحفظ ڏيڻ لاء ڪوشان آھيون ته جيئن ھو پنھنجو ڪاروبار بنا خوف جي ڪري سگھن ۽ مان شھرين جا پيش ڪيل مطالبا منظور ڪري راڻيپورٿاڻي تي ھڪ وڌيڪ پوليس موبائيل ڏيڻ سان گڏ ٿاڻي تي نفري ۾ اضافو ۽ گڏيجي ۾ پڪي پوليس پڪٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو۔ پروقار تقريب ۾ ڪلاٿ مرچنٽ ايسوسئيشن جي صدر جميل احمدگھانگھرو خيرپور ۾ امن قائم ڪرڻ تي ايس ايس پي کي سنڌ جو ثقافتي تحفو سنڌي پٽڪو پيش ڪيو ،جڏهن ته سياسي سماجي مذھبي وڪيلن صحافين ايس ايس پي خيرپور کي سنڌ جا ثقافتي تحفا سنڌي ٽوپي اجرڪ اوڌايا ، تقريب ۾ غلام اصغرجعفري ، نوجوان صحاففي علي جعفري ، غلام اصغروساڻ، گداحسين سھتو، نانڪ رام ، صحافي شاهدنواز سيال مريدعباس سولنگي امدادعلي سولنگي غلام مصطفى وساڻ پروفيسرالطاف اثيم عبدالحڪيم چنہ ميان فداحسين پيرزادو امتيازعلي وساڻ وڏيرونبي بخش ڪلھوڙو ظھوراحمدملاح نيڪ محمدپٺاڻ حفيظ الرحمان ميمڻ شاھنوازملاح، بھادرعلي کوکر سڪندرعلي سرڪي ۽ ٻين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ کي عالمي آقائن جي اشاري تي ھلي رهي آهي: شازيه مري
ايتري ويڪسين موجود نه آهي جيترا ماڻهو لڳرائڻ لاءِ اچي رهيا آهن: ناصر شاهه
E-Paper – 04-08-2021
ضلعي انتظاميه مٽياري پاران مٽياري شهر اندر لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ 11 دڪان سيل
اڙڪاڻو(رپورٽ نادر مائري ) پاڪستان پيپلز پارٽي يونين ڪاميٽي ون سٽي لاڙڪاڻي طرفان علائقي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن
E-Paper – 03-08-2021
جعفري ھائوس تي ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ جي مان ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي
خيرپور (رپورٽ ارشد راجپوت) خيرپور ۾ دوڪاندارن جو ھڪ انوکو. احتجاج
E-Paper – 02-08-2021
نيب اٽو، کنڊ ۽ دوائون چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڇو نٿو ڪري: رانا ثناءُالله