14

تلھار رپورٽ زاھد کوسو

تلھار ۾ حادثه روز جو معمول بڻجي ويا،ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار جي حڪم تي ٽريفڪ پوليس اي ايس آئي برڪت علي پنھور حيدرآباد روڊ تي سخت چيڪنگ دوران ننڍي عمر ۾ موٽر سائيڪل ھلائڻ وارن ٻارڙن کي روڪي پڇاڳاڇا بعد نالا پڻ نوٽ ڪيا جڏھن ته موٽر سائيڪل بيھاري والدين کي وٺي اچڻ جو ٻارڙن کي چيو ويو جنھن بعد موٽر سائيڪل ھلائڻ وارن جا والدين ٽريفڪ پوليس وٽ پھچي موٽر سائيڪلن کي آزاد ڪرائي ورتا ۽ ٻارڙن جي موٽر سائيڪل نه ھلائڻ جي لکت پڻ ورتي وئي،ان موقعي تي ٽريفڪ پوليس انچارج برڪت علي پنھور عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين کي ٻڌايو ته تلھار ۾ حادثه سيکڙاٽ ۽ ننڍي عمر جي ٻارڙن جو موٽر سائيڪل ھلائڻ سبب وڌي رھيا آھن انکي روڪڻ لا۽ ايس ايس پي بدين جي حڪم موجب ننڍي عمر جي ٻارڙن کي موٽر سائيڪل توڙي چنگچي رڪشا مين روڊ تي ھلائڻ خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو ويو آھي جنھ…

اپنا تبصرہ بھیجیں