3

تلھار رپورٽ زاھد کوسو

شھدادپور ۾ ٿيل واقعي خلاف پاڪستان خاصخيلي اتحاد جي سڏ تي تلھار ۾ عوامي پريس ڪلب آڏو اڳواڻن پاران سخت احتجاج مظاھرو ڪري قاتل جي گرفتاري جو ڀرپور مطالبو ڪيو ويو،ان سلسلي ۾ نثار احمد خاصخيلي،گلزار خاصخيلي،محمد جمن،سانوڻ،۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته شھدادپور ڀرسان ڳوٺ ڪڙيو بچل بوداڻي ۾ خاصخيلي برادري جي مردن عورتن ۽ ٻارڙن مٿان گولين جي برسات ڪندڙ ۽ ٽن انساني جانين جي قاتل بااثر انسانيت دشمن زاھد عمراڻي کي فلفور گرفتار ڪري مظلومن سان انصاف ڪيو وڃي،پاڪستان خاصخيلي اتحاد تلھار جي اڳواڻ نثار احمد خاصخيلي جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ھي تڪرار عمراڻي ۽ خاصخيلي برادري جو نه پر ظالم ۽ مظلوم جو آھي آئون ھي پيغام ڏيڻ چاھيان ٿو ته مھرباني ڪري ھن مسئلي کي لساني فساد جو رنگ نه ڏنو وڃي ھن متاثر خاصخيلي گھراڻي سان انصاف ڪري ظالم قاتل کي عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي جيئن وري ڪو اھڙو واقعو رونما نه ٿئي ٻي صورت ۾ انصاف نه ملڻ تائين احتجاج کي جاري رکيو ويندو

اپنا تبصرہ بھیجیں