8

تلھار رپورٽ

تلھار ۾ معصوم نياڻين جي گمشدگي معمول بڻجي ويو،صحافي جي نياڻي جو پتو نه پيو قلم ڌڻين جو احتجاج،بين الصوبائي گينگ سان ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وڌيڪ ٻه معصوم نياڻيون به گم ٿي ويون،وارثن ۾ ڳڻتي،ان سلسلي ۾ سينئير صحافي غلام نبي شاھ عوامي پريس ڪلب تلھار آڏو علامتي بک ھڙتال جي ڪيمپ قائم ڪري ورتي،بک ھڙتال جي ڪيمپ تي عوامي پريس ڪلب تلھار جو صدر عاجز انور لاشاري،صحافي جاويد سمان کتري،شڪيلان لغاري،رمضان ملاح،مير شھزاد ٽالپر،اڪرم لاشاري،ديدار شاھ،ذوالفقار ملاح،گلزار نوتڪاڻي ۽ ٻيا شھري پڻ شريڪ ٿيا،اڳواڻن جو چوڻ ھو ته تلھار ۾ ھڪ بين الصوبائي گينگ سرگرم ٿي ويو آھي جيڪي پوليس کي سرمو پارائي ڏوھن ۾ ملوث جوابدار قانون جي پڪڙ کان به آجا ۽ بالا تر ٿي ويا آھن،ھڪ مھيني کان نياڻي جي ڳولا ڪرڻ بعد مايوس ٿي مجبورن بک ھڙتال جي ڪيمپ قائم ڪري انصاف جي گھر ڪري رھيا آھيون اسان ايس ايس پي بدين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن کان مطالبو ٿا ڪيون ته ھڪ مھيني کان گم 13 سالا نياڻي مريم شاھ کي اغوا ڪندڙ گروه خلاف سخت جوڳا قدم کڻي نياڻي بازياب ڪرائي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

اپنا تبصرہ بھیجیں