2

تحريڪ لبيڪ سان معاهدو: وزيراعظم اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (اڱارو 06 اپريل 2021ع) وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ لبيڪ سان ڪيل معاهدي تي عمل ڪرڻ بابت صلاح مشوري لاءِ  سڀاڻي اهم اجلاس طلب ڪي ورتو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس سڀاڻي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود، گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن وارا وزير شرڪت ڪندا. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته اجلاس ۾ تحريڪ لبيڪ سان ٿيندڙ معاهدي تي غور ٿيندو. رپورٽون آهن ته وزيراعظم عمران خان وزيرن سان گڏ اجلاس ۾ فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري جي لاءِ قرارداد منظور ڪرائڻ جي تجويز تي غور ڪندا.

ياد رهي ته گذريل سال نومبر ۾ تحريڪ لبيڪ فرانس ۾ تڪراري خاڪن جي اشاعت خلاف راولپنڊي ۾ لياقت باغ کان فيض آباد تائين ناموس رسالت ريلي ڪڍي هئي. ريلي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي هئي ۽ ريلي  ۾ شرڪت ڪندڙن فيض آباد پل تي ڌرڻو هنيو هو.  پاڪستان جي حڪومت مذهبي ۽ سياسي پارٽين تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان نومبر 2020 ۾ معاهدو ڪيو هو. معاهدي تي ان وقت جي گهرو وزير برگيڊيئر(ر) اعجاز شاهه ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جون صحيحون هيون.

معاهدي جو پهريون نڪتو فرانس ۾ شايع ٿيندڙ گستاخ خاڪن جي  نتيجي ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ فرانسيسي سفير جي ٻن کان ٽن مهينن جي عرصي ۾ پارليامينٽ مان فيصلي سازي جي ذريعي ملڪ بدر ڪرڻ جي باري ۾ آهي. معاهدي ۾ شامل آهي ته حڪومت سرڪاري سطح تي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ يقيني بنائيندي ۽ فرانس ۾ پنهنجو سفير به مقرر نه ڪندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں