بيڊمنٽن رانديگرياڻي ماهه نور شهزاد پٺاڻن کان معافي گهري ورتي

لاهور: (خميس 29 جولاءِ 2021ع) پاڪستان جي بيڊمنٽن رانديگرياڻي ماهه نور شهزاد پٺاڻن بابت پنهنجي بيان تي معافي گهري ورتي آهي.

ياد رهي ته 22 جولاءِ تي ماهه نور جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي مخالفن تي سخت تنقيد ڪئي ۽ کين پٺاڻ چيو. ماهه نور پنهنجي وڊيو ۾ چيو هو  ماڻهن منهنجي تعريف ڪئي پر ڪجهه بيڊمنٽن رانديگر آهن جيڪي مڪمل طور تي پٺاڻ آهن. مان پاڪستان ۾ پهرين نمبر تي آهيان پر اسان جا ٻيا  پاڪستاني بيڊمنٽن رانديگر منهنجي ترقي کان  سڙي رهيا آهن . هي ته  ائين آهي ته اوهان پاڻ ته ڪجهه حاصل نٿا ڪريو ۽ نه ئي وري چاهيو ٿا ته ٻيو ڪو ان کي حاصل ڪري.

سوشل ميڊيا صارفين 24 ساله رانديگرياڻي جي بيان جي سخت مذمت ڪئي. سوشل ميڊيا صارفين جي رد عمل تي ماهه نور هڪ  ٻئي وڊيو شيئر ڪئي آهي. بيڊمنٽن رانديگرياڻي چيو آهي ته مان پنهنجن سمورن پشتون ڀائرن ۽ ڀينرن کان معذرت خواهه آهيان ڇو ته اوهان کي منهنجي ڳالهين سان تڪليف پهتي آهي. سمورا پاڪستاني منهنجي لاءِ احترام جوڳا آهن. ڇو ته مان هن وقت جنهن هنڌ تي پهتي آهيان اها اوهان مداحن جي ڪري ئي آهي. مان چاهيان ٿي ته اوهان به مون کي سمجهو.