5

بوزداروڏا۔غلام نبي ملاح

سنڌ جي ھزارين پرائمري استادن جي تنظيم پ۔ٽ۔الف جي مرڪزي اليڪشن آخري مرحلي ۾ داخل۔ڀٽائي پئنل۔ لکي پينل ۽ استاد پئنل ۾ مقابلو۔اليڪشن ۾ ڪاميابي لا۽ اميدوارن پاران ورڪ آخري مرحلي ۾ داخل۔اليڪشن ۾ ڪاميابي لا۽ اميدوارن جون سياسي ماڻھن ڏانھن ب ڊوڙون۔مرڪزي اليڪشن 11اپريل تي ڀٽ شاھ ۾ ٿيندي۔خبر موجب سنڌ جي ستر ھزار کان وڌيڪ پرائمري استادن جي تنظيم پ۔ٽ۔الف جي مرڪزي اليڪشن آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويئي آھي۔مرڪزي صدارت حاصل ڪرڻ لا۽ ٽن پئنلن ڀٽائي۔لکي ۽ استاد پينل وچ۾ مقابلو ٿيندو۔ٽنھي پئنلن ڀٽائي پئنل جي صدارتي اميدوار حاجي شفيع محمد سٺيو۔لکي پينل جو غلام رسول مھر ۽ استاد پينل جو صدارتي اميدوار سيد انارالدين شاھ اليڪشن ۾ ڪاميابي ۽ سنڌ جي صدارت جو تاج ماڻڻ لا۽ ڏينھن رات ورڪ ۾ مصروف آھن۔جڏھن ت اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لا۽ ٽنھي پئنلن جا اميدوار واسطيدار سياسي ماڻھن جي حمايت حاصل ڪرڻ لا۽ ب سندن درن جون حاضريون لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيون آھن ۽ اھي سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري ھڪ ٻئي جا حمايتي ٽوڙڻ جي آخري ڪوشش ڪري رھيا آھن۔پ۔ٽ۔الف جي مرڪزي اليڪشن 11اپريل تي ڀٽ شاھ تي ٿيندي۔
بوزداروڏا۔
پ۔ٽ۔الف جي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ڀٽائي پينل ۽ لکي پينل جي صدارتي اميدوار حاجي شفيع محمد سٺيو ۽ غلام رسول مھر(فائيل فوٽو)

اپنا تبصرہ بھیجیں