5

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ٻه دهشتگرد مارجي ويا، هڪ جوان شهيد

راولپنڊي: (جمعو 11  جون 2021ع) بلوچستان جي ضلعي خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 2 انتهائي گهربل دهشتگرد مارجي ويا آهن. جڏهن ته ايف سي بلوچستان جو هڪ جوان به شهيد ٿي ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ خاران جي علائقي بلمرگ ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن جي دوران 2 انتهائي گهربل دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ايف سي بلوچستان جو هڪ جوان به شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران وڏي تعداد ۾ هٿيار، گوليون ۽ ٻيو سامان قبضي ۾ ورتو ويو آهي. شهيد ٿيندڙ سپاهي فداالرحمان چترال جو رهواسي هو. فورسز مادر وطن جي خلاف هر سازش ناڪام بنائڻ لاءِ پرعزم آهي. بلوچستان ۾ قربانين  ذريعي حاصل ٿيندڙ امن کي هر قيمت تي يقيني بنايو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں