9

باليوڊ هاڻ جنون جا گانا ڳائي رهيو آهي

ڪراچي:ڀارتي ميوزڪ ڪمپني ٽي سيريز مشهور پاڪستاني بينڊ جنون جو گانو سيوني جو ريميڪ ڪيو جنهن تي مداحن ڀارتي ڪمپني هٿون هٿ ورتو.

گذريل ڏينهن ڀارتي ميوزڪ ڪمپني ٽي سيريز طرفان جنون جي گاني سيوني جي وڊيو ريميڪ جاري ڪئي وئي جنهن تي جنون جي مداحن سخت ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو.

سيوني جي ڀارتي ويزن کي گلوڪار ارجيت سنگهه ڳايو آهي جڏهن ته گاني ۾ ان گاني جي اصل گلوڪار علي عظمت ۽ سلمان احمد کي ڪريڊٽ ڏنو ويو آهي پر سيوني جي ريميڪ ويزن کي پاڪستانين سان گڏ ڀارتين پاران به ناپسنديده قرار ڏنو پيو وڃي، مداحن جو چوڻ آهي ته سيوني گاني جو اوريجنل ويزن ئي بهترين آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں