اڙڪاڻو(رپورٽ نادر مائري ) پاڪستان پيپلز پارٽي يونين ڪاميٽي ون سٽي لاڙڪاڻي طرفان علائقي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن

ڪاميٽي ون سٽي لاڙڪاڻي طرفان علائقي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن، صفائي سٿرائي سميت تنظيم جي حوالي سان ايس او پيز تحت گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن گڏجاڻي ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ ميمبر سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جميل احمد سومرو، پي پي پي ضلعي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري، سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري انور علي نواز لهر، سرفراز کوکر، وقار ڀٽو، مير ماجد علي بروهي، آفتاب نيڪ محمد ڀٽو، شير محمد لغاري، عبدالباري عباسي، غلام اصغر کچي يوسي ون جي صدر ذوالفقار علي بروهي، جنرل سيڪريٽري محمد اسلم بروهي سميت علائقي جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي جميل احمد سومرو چيو ته تي ڪرونا وائرس جي چوٿين لهر تمام گهڻي خطرناڪ آهي، جنهن لاءِ پارٽي ورڪرن سميت عام شهرين کي گهرجي ته هو احتيات ڪن ۽ سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل هدايتن تي سختي سان عمل ڪري پاڻ ۽ منهنجي گهرڀاتين کي هن وبا کان محفوظ رکن. هن چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي ڪوشش سان يوسي ون سميت سڄي لاڙڪاڻي ۾ صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻائيندي ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آهي ته جيئن شهرين کي ڪائي به تڪليف محسوس نه ٿي سگهي، جيڪا ڪوشش اڳتي به جاري رهندي. هوڏانهن پيپلز پارٽي اڳواڻ جميل احمد سومرو طرفان پارٽي اڳواڻن سان گڏجي پ پ يوٿ ونگ لاڙڪاڻي جي سينئر اڳواڻ آصف علي عباسي سان سندس وڏي ڀاءُ محمد يونس عباسي ۽ شهر جي بهار پور محلي واسي غلام شبير ڀٽو سان سندس پٽ جي وفات تي ڌار ڌار تعزيتون ڪيون ويون. ان موقعي تي اڳواڻن ٻنهي مرحومن جي روحن کي ايثال ثواب پهچائڻ خاطر فاتح خواني ڪري دعا گهري وئي ته الله تعاليٰ مرحومن جا درجات بلند ڪري ۽ سندن جنت الفدوس ۾ اعليٰ مقام عطاء فرمائي آمين.