ايتري ويڪسين موجود نه آهي جيترا ماڻهو لڳرائڻ لاءِ اچي رهيا آهن: ناصر شاهه

ڪراچي: (اڱارو 03 آگسٽ 2021ع) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايتري ويڪسين موجود نه آهي جيترا ماڻهو لڳرائڻ لاءِ اچي رهيا آهن.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته بنگالي ۽ برمي ماڻهن جي علائقن ۾ به ويڪسينيشن سينٽر کوليا ويا آهن جڏهن ته ڊرائيور ٿرو ويڪسينيشن سينٽر کوليا پيا وڃن. ان کان علاوه گرين لائن جي ٽريڪ تي ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽر ٺاهڻ تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن.ناصر شاهه چيو ته جن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ناهي ان جي به ويڪسينيشن ٿيڻ گهرجي ۽ ويڪسين ايتري موجود نه آهي جيترا ماڻهو ويڪسينيشن لاءِ اچي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته چاهي ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سندس خلاف ڪارروائي ٿيندي.