9

اوگرا مهانگائي جي ماريل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون

اسلام آباد:(سومر 14  جون 2021ع)  آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) مهانگائي جي ماريل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون  ڪري ورتيون آهن.

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ واري سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي وئي آهي. ذريعن موجب اوگرا طرفان اماڻيل سمري ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيه 20 پئسن تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه 50 پئسا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.

پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان سڀاڻي 15 جون تي ڪيو ويندو ۽ پيٽروليم شين جون نيون قيمتون 16 جون کان لاڳو ٿينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري ناڻي واري وزارت  ڏانهن حتمي منظوري جي لاءِ اماڻي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم جي حتمي منظوري کان پوءِ نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں