4

اوٻاوڙو رپورٽ علي خان ملڪ

اوٻاوڙو لڳ ڀٽا برادري جو زميندار ايوب ڀٽو ۽ سندس پٽ مٿان بااثر جو حملو پٽ کي زخمي ڪري والد کي کنڀي کڻي ويا اطلاع باوجود ريتي پوليس ڪا واهر نه ڪئي
ڀٺا برادري جي ماڻهن جو ريتي ٿاڻي اڳيان احتجاج
فورن ماڻهو بازياب ڪرائڻ جو مطالبو.
تفصيلات موجب اوٻاوڙو لڳ بااثر طرفان هٿيارن جي زور تي مٿان حملو ڪري زميندار محمد ايوب ڀٽو کي اغوا ڪرڻ خلاف ٿاڻي اڳيان رئيس رسول بخش، فقير ڌڻي بخش، منظور احمد، فوجي منظور احمد ۽ بادل ڀٽو سميت ڀٽا برادري جي ماڻهن جو ريتي ٿاڻي جي اڳيان احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ريتي اوٻاوڙو روڊ تي لڳ ڪڙيو موري وٽ شادي جي ڪاڄ تان واپس موٽندڙ محمد ايوب ڀٽو ۽ سندس پٽ مٿان علائقي جي بااثر غلام نبي چاچڙ هٿيار بند ماڻهو ساڻ ڪري مٿان اوچتو حملو ڪري مٿان تشدد ڪري پٽ کي زخمي ڪري محمد ايوب ڀٽو کي کنڀي کڻي ويا جنهن ڪا خبر نه آهي جڏهن ته اسان ريتي ٿاڻي اطلاع ڪيو سين جنهن ڪا به واهر نه ڪئي جڏهن اسان ٿاڻي تي ويا سين ته ايس ايڇ او ٿاڻي تي موجود نه هو وڏي منشي اسان جي اين سي داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هنن وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته بااثر طرفان تشدد ڪري کنڀيل اسان جي ماڻهو کي فورن بازياب ڪرايو وڃي

اپنا تبصرہ بھیجیں