10

اهم قانون سازي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ڪوٺايو ويو

اسلام آباد: (اربع 16 سيپٽمبر 2020ع)  فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس بابت اهم قانون سازي جي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ  ٻنپهرن جو  چئين وڳي اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن ۾ ايف اي ٽي ايف بابت بل منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.

مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ ٻيون ترميمي بل ۽ دارالخلافه وقف املاڪ بل 2020 منظوري لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا. قومي اسيمبلي مان منظوري کان پوءِ اپوزيشن جي اعتراضن بعد سينيٽ هي ٻئي بل رد ڪري ڇڏيا هئا.

اپوزيشن طرفان هن بل جي تحت مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي حوالي سان نيشنل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي جوڙجڪ تي اعتراض اٿاريو ويو هو ڇو ته هن مجوزه ڪميٽي ۾ مختلف ادارن جيان قومي احتساب بيورو جي چيئر.مين کي به شامل ڪيو ويندو آهي.

اپوزيشن  نيب چيئرمين جي ڪميٽي ۾ شموليت کي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل قرار ڌيندي سينيٽ ۾ هن بل جي مخالفت ڪئي هئي. مني لانڊرنگ جي الزام ۾ ڪنهن  شخص کي 60 ڏينهن تائين گرفتار  ڪري رکڻ جي اجازت هوندي. جاچ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ جنهن ۾ 60 ڏينهن جي واڌ ڪئي ويندي. ياد رهي ته اپوزيشن کي وارنٽ يا عدالتي اجازت کان سواءِ صرف مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتاري جي اختيار تي اعتراض آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں