28

افغان صوبي قنڌار ۾ ڌماڪو: عورت سميت ٽي ٻارڙا مارجي ويا

ڪابل: (خميس 13 آگسٽ 2020ع)  افغان صوبي قنڌار ۾ ڌماڪي سبب عورت ۽ 3 ٻارڙا مارجي ويا. افغان ميڊيا موجب خميس  تي صبح جي ٽائيم قنڌار صوبي جي ضلعي پنجوائي ۾ روڊ ڪناري بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ 3 ٻارڙا مارجي ويا.

پوليس موجب ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا زخمي به ٿي پيا. جن مان چار ٻار هڪ عورت ۽ هڪ مرد شامل آهي. پوليس ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن هڪ گاڏي روڊ تي موجود  ڌماڪيدار مواد مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙا ۽ عورت ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته  زخمين کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

افغان ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته في الحال ڪنهن به گروپ ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ آچر جي ڏينهن به افغانستان جي ضلعي ارغزستان ۾ روڊ ڪناري مائن جو ڌماڪو ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ 8 عام شهري مارجي ويا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں