ڪابل: افغان جي راڄڌاني ۾ 15 سالن جي ڇوڪريءَ سان جنسي زيادتي جي فعل ۾ ڀارتي گروهه ملوث نڪتو.
افغان ميڊيا موجب افغانستان ۾ ڀارتين جون غيراخلاقي حرڪتون جاري آهن، ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ وڊيو ٺاهڻ جو واقعو سامهون آيو آهي.
افغان پوليس جي سپرينڊينٽ راشد خان موجب ڪابل ۾ ڇوڪريءَ سان جنسي زيادتي جي واقعي ۾ ڀارتي گروهه ملوث نڪتو، ڀارتي سياح ديپ ڊيسائي 28 ڊسمبر 2020 تي 15 سالن جي افغان ڇڪريءَ سان جنسي زيادتي ڪئي ۽ ان مڪروهه عمل جي وڊيو به ٺاهي.