29

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان، ڊالر مهانگو، سون سستو ٿي ويو

ڪراچي: انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ 13 پيسا اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ مثبت رجحان رهيو ۽ في تولو سون 200 روپيا سستو ٿي ويو.

انٽربينڪ ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ ڊالر 13 پيسا مهانگو ٿي 158 روپيا 30 پيسن جو ٿي ويو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 5 پيسا گهٽ ٿي 158 روپيا 25 پيسا ٿي ويو آهي.

سون جي قيمت ۾ گهٽتائي

ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت 200 کان گهت ٿي آهي، سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب 200 جي گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت هڪ لک 12 هزار 350 ٿي وئي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں