5

اسلام آباد پوليس سنٿيا جي درخواست تي رحمان ملڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (سومر 29 جون 2020ع) اسلام آباد پوليس آمريڪي عورت سنٿيا رچي جي درخواست تي اڳوڻي گهرو وزير ۽ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس رپورٽ موجب سنٿيا رچي طرفان رحمان ملڪ جي خلاف الزامن جو ڪوبه ثبوت ناهي مليو. سنٿيا جي درخواست شڪي ۽ ظاهري طور تي بدنيتي تي ٻڌل آهي. پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنٿيا رچي وٽ ڪنهن به قسم جو  ڪوبه ثبوت ناهي. هو نه درخواست ۾ ۽ نه ئي وري پيشي جي دوران الزام ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪي ثبوت پيش ڪري سگهي آهي.

رپورٽ موجب ڌمڪين جي الزامن کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ سنٿيا رچي ڪنهن فون نمبر، تاريخ ۽ نه ئي ڌمڪي جو وقت ٻڌايو. درخواست ۾ سنٿيا رچي اڄ کان 9 سال اڳ 2011 ۾ زيادتي جو الزام لڳايو هو. رڪارڊ موجب سنٿيا واقعي جي وقت ٿاڻي ۾ ڪابه درخواست ناهي ڏني. جڏهن ته لاڳاپيل سفارتخاني جي طرفان به ان وقت اهڙي ڪابه اطلاع نه ڏني وئي.

پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنٿيا رچي ان وقت پوليس يا ڪنهن ٻئي فورم تي لکت ۾ يا زباني شڪايت داخل ناهي ڪرائي جڏهن ته ان وقٽ ڪوبه ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ/ايم ايل آر به ناهي ڏنو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں