2

آمريڪا ۾ ڪاري نسل لاءِ آواز اٿاريندڙ ميلڪم جو قتل، نئون پنڊورا باڪس کلي ويو

نيويارڪ: آمريڪا ۾ ڪاري نسل جي ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ والي ميلڪم ايڪس جي قتل ۾ ڪير ملوث هو، نئون پنڊورا باڪس کلي ويو.

ميلڪم جي ڀاتين الزام هنيو آهي ته شهرين جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ميلڪم ايڪس جي قتل جي سازش نيو يارڪ پوليس ۽ ايف بي آر ڪئي.

ميلڪم ايڪس جي ڪٽنب جي دعويٰ ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن پنج ڏهاڪا پهرين ڳجهي پوليس سان لاڳاپيل هڪ آفيسر انڪشاف ڪيو ته مٿس دٻاءُ وڌو ويو ته هو ميلڪم ايڪس جي سيڪيورٽي تي مقرر ماڻهن کي ڏوهه ڪرڻ تي راضي ڪري

ياد رهي ته ميلڪم ايڪس مسلم گهراڻي سان تعلق رکندڙ هڪ آفريقن آمريڪي وزير هو ۽ انساني حقن جي موومينٽ جو سگهارو آواز هو.

اپنا تبصرہ بھیجیں