29

آمريڪا چيني سفارتڪارن تي نيون پابنديون هڻي ڇڏيون

واشنگٽن:آمريڪي پرڏيهي وزير چيني سفارتڪارن تي نيون پابنديون هڻي ڇڏيون

گذريل ڪيترن ئي مهينن کان آمريڪا ۽ چين وچ ۾ ڇڪتاڻ نظر اچي رهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن طرفان هڪٻئي خلاف معاشي ۽ سفارتي پابنديون هنيون پيون وڃن.

هاڻ آمريڪا چين جي سفارتڪارن تي پابنديون هڻي ڇڏيون آهن.

آمريڪي پرڏيهي وزارت موجب چيني سفارتڪارن کي يونيورسٽين ۽ ثقافتي پرروگرامن ۾ شرڪت کان اڳ پرڏيهي وزارت کان اجازت وٺڻي پوندي.

آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائيڪ پومپيو جو چوڻ آهي ته پابندين بابت يونيورسٽين جي گورننگ باڊي کي به تحريري طور آگاهه ڪيو ويو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزارت موجب چيني سفارتخاني ۽ عملي جا سوشل اڪائونٽس به جاچ ڪيا ويندا.

مائيڪ پومپيو جو چوڻ آهي ته چين ۾ آمريڪي سفارتڪارن تي پابندين جي جواب ۾ چيني سفارتڪارن تي پابنديون هڻي رهيا آهيون.

ٻئي طرف چين جو موقف آهي ته سفارتڪارن ۽ عملي تي غيرمنصفاڻيون پابنديون آمريڪي خودمختياري واري دعويٰ جي خلاف آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں