10

آمريڪا خطرو قرار ڏيندي هڪ هزار چيني شاگردن جا ويزا رد ڪري ڇڏيا

واشنگٽن: (خميس 10 سيپٽمبر 2020ع) آمريڪا قومي سلامتي جي لاءِ خطرو قرار ڏيندي هڪ هزار چيني شاگردن جا ويزا رد ڪري ڇڏيا آهن.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چيني شاگردن ۽ محققين جا ويزا 29 مئي جي صدارتي حڪم نامي تحت رد ڪيا ويا آهن. هن حڪم نامي جي ذريعي قومي سلامتي جي لاءِ خطرو قرار ڏنل شاگردن ۽ محققن جي آمريڪا ۾ داخلا بابت مختلف پابنديون لاڳو ڪيون ويون هيون. جنهن کان پوءِ اربع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت جي شعبي هوم لينڊ سيڪيورٽي جي اڳواڻ چيف ڊوولف چيو هو ته مخصوص چيني شاگرد ۽ محققين جا چيني فوج سان را بطا آهن جنهن سبب هو هاڻ اسان جي لاءِ خطرو آهن  هو حساس تحقيقي مواد چوري ڪري سگهن ٿا. وولف چين تي صنعتي شعبي ۽ ڪورونا وائرس بابت ٿيندڙ تحقيق چورائڻ جا الزام به ورجايا.

ٻئي طرف پرڏيهي وزارت چيو آهي ته آمريڪي صدارتي حڪم نامي تحت جن چيني شاگردن ۽ محققين جا ويزا رد ڪيا ويا آهن انهن جو انگ هر سال تعليمي ۽ تحقيق جي لاءِ آمريڪا ايندڙ چيني شاگردن جي گڏيل انگ جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي.

آمريڪا پنهنجي قانون تحت ايندڙ چيني محققين ۽ شاگردن کي خوش آمديد چوندو. چين جون ۾ بيان جاري ڪيو هو ته هو پنهنجي شاگردن کي آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل پابندين جي مخالفت ڪندو. هڪ اندازي موجب هن وقت آمريڪا ۾ 3 لک 60 هزار چيني شاگرد تعليم ۽ تحقيق جي لاءِ موجود آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں