10

آفريقي ملڪ ڪيمرون ۾ اسڪول تي حملي سبب اٺ شاگرد مارجي ويا

ڪيمرون: (سومر 26 آڪٽوبر 2020ع) وچ آفريقي ملڪ ڪيمرون ۾ دهشتگردن هڪ اسڪول  مٿان حملو ڪري 8 شاگردن کي  قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڪيمرون جي شهر ڪمباڪي مدر فرانسسڪا انٽرنيشنل هاءِ بلينگول  اڪيڊمي تي حملو ڪندڙ دهشتگرد موٽر سائيڪلن تي سوار ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس هئا. گڏيل قومن طرفان اسڪول تي حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مهيني دوران ئي ٻيهر کلندڙ اسڪول مٿان هي بدترين حملو آهي.

ڪنهن به گروپ طرفان اڃان تائين حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي اڃان تائين اهو واضح ٿي سگهيو آهي ته هي حملو هڪ آزاد رياست جي لاءِ حڪومت مخالف گروپ طرفان ڪيو ويو يا ڪنهن ٻئي طرفان. گڏيل قومن جي ذيلي اداري ڪوآرڊينيشن آف دي هيومينٽرين افيئرز(او سي ايڇ اي) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي ۾ 8 شاگرد مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي  پيا آهن.

مقامي ماڻهن موجب ڪجهه شاگردن جن مان هڪ ڇوڪري به شامل آهي اسڪول جي عمارت جي ٻئي ماڙ تان ٽپو ڏئي حياتي بچائي، جڏهن ته ڪجهه والدين کي پنهنجي ٻارن کي هٿن ۾ کڻي اسڪول کان ٻاهر ڀڄندي به ڏٺو ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں