17

آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي بورڊ جي صدر سارو گنگولي جو موقف رد ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: (اڱارو 21 جولاءِ 2020ع)  آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي بورڊ جي صدر سارو گنگولي جو موقف رد ڪندي چيو آهي ته ڀارتي  ٽيم جي لاءِ ٻن هفتن جو قرنطينه لازمي هوندو.

آسٽريليا ڪرڪيٽ جي چيف ايگزيڪٽو  نڪ هوڪيلي آسٽريلوي ميڊيا سان وڊيو لنڪ تي ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته ڀارتي رانديگرن کي بائيو سيڪيور ماحول ۾ ٽريننگ  جون بهترين سهوليتون ڏنيون وڃن. آسٽريليا جي زمين تي قدم رکندڙن جي لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ ڪورونا ٽيسٽ لازمي آهي. ان کان پوءِ هتي 13 ڏينهن جي قرنطينه جي ايس او پيز طئي ٿيل آهي.

نڪ هوڪيلي جو چوڻ هو ته اسان مهمان ٽيم جي لاءِ پنهنجي هيلٿ واري وزارت جي اختيارين سان ملي سموريون احتياطي تدبيرون ممڪن بنائينداسين. انگلينڊ جي سائوٿمپٽن ۽ اولڊ ٽريفورڊ مانچسٽر  جيان ايڊليڊ ۾ هوٽل موجود آهي جتي ٽيم کي روڪي سگهجي ٿو. ان ڳالهه جا امڪان تمام گهٽ آهن ته جڏهن ڀارتي ٽيم کي آسٽريليا اچڻو آهي ته ان وقت تائين ٽريول ايڊوائزري ۾ ڪجهه تبديلي ٿئي.

واضح رهي ته ڀارتي بورڊ جي صدر سارو گنگولي چيو هو ته ٻن هفتن جي قرنطينه جي حق ۾ ناهيون رانديگرن کي ڪمرن تائين محدود ڪرڻ  نامناسب هوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں