آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ اڄوڪيون چونڊون عمران خان جي نالي آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: (آچر 26 جولاءِ 2021ع)   سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير جون اڄوڪيون چونڊون عمران خان جي نئين ڪشمير جي نالي آهن.

فواد چوڌري سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو ته آزاد ڪشمير چونڊون والاريل ڪشمير جي ماڻهن جا خواب پورا ڪنديون ۽ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن سموري ڪشمير جا ماڻهو ان آزادي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا.

هن چيو ته ڪشميري آزادي سان پنهنجي نمائندن تي ٻڌل حڪومت ٺاهيندا ۽ اڄ جون چونڊون عمران خان جي نئين ڪشمير جي نالي آهن.  واضح رهي ته اڄ آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جا اميدوار ميدان ۾ موجود آهن.