آزاد ڪشمير چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن قدم کڻي: شيري رحمان

لاهور: (آچر 26 جولاءِ 2021ع) پ پ اڳواڻ شيري رحمان الزام هنيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن ۾ منظم طريقي سان ڌانڌلي ٿي رهي آهي.

پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو آهي ته ڪوٽلي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار ياسين چوڌري جي گاڏي مٿان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن طرفان فائرنگ ڪئي وئي. جنهن ۾ ياسين چوڌري ذري گهٽ بچي ويو آهي. جڏهن ته ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن جي ووٽرز لسٽن ۾ واضح فرق آهي.

شيري رحمان چيو ته فواره چوڪ پولنگ اسٽيشن تي پوليس پيپلز پارٽي جو ڪيمپ به پٽي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪجهه ئي فاصلي تي قائم تحريڪ انصاف جو ڪيمپ قائم آهي. هن مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن حڪومتي ڌانڌلي کي روڪي ۽ شفافيت کي يقيني بنائي.