منگل , فروری 25 2020
Home / عالمي

عالمي

تهران: قاسم سليماني جي جنازي نماز تهران ۾ پڙهائي وئي، لکين ماڻهن جي شرڪت

تهران: (سومر 06 جنوري 2020ع)  بغداد ۾ آمريڪي هوائي حملي ۾ مارجي ويل قاسم سليماني جي جنازي جي نماز اڄ تهران ۾ ادا ڪئي وئي. القدس فورس جي سربراهه قاسم سليماني جي اڄ تهران ۾ جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي. نمازي جنازه ايراني سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي پڙهائي. …

Read More »

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عراق تي پابنديون لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

واشنگٽن: (سومر 06 جنوري 2020ع)  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عراق مٿان پابنديون لڳائڻ جي  ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عراقي پارليامينٽ ملڪ مان آمريڪا سميت سموري پرڏيهي فوج جي نڪرڻ ۽ سيڪيورٽي معاهدو ختم ڪرڻ جي قرارداد منظوري ڪئي آهي پر عراقي حڪومت اڃان تائين ان جي منظوري …

Read More »

نيويارڪ ۾ پنجيتاليهه ماڙ(هاءِ ٽيڪ) جيل ٺاهڻ جو منصوبو تيار

نيويارڪ: (جمعو  13 ڊسمبر 2019ع)   آمريڪي شهر نيويارڪ گهڻ ماڙ بلڊنگن جي ڪري مشهور آهي اتي ئي ان جو شمار دنيا جي وڏي آبادي وارن شهرن ۾ به ڪيو ويندو آهي. هاڻ نيويارڪ جي اختيارين فيصلو ڪيو آهي ته هتي دنيا جي سڀني کان ڊگهي جيل ٺاهي وڃي  جيڪا 45 …

Read More »

هڪ هوائي جهاز سميت نو ٽن ڌات کائيندڙ فرانسيسي شخص

فرانس: (جمعو  13 ڊسمبر 2019ع) فرانس جي هڪ شهري ميشبل لوتيتو جو وڻندڙ کاڌو جهاز هو. ان شخص کي مين آف ايوري تهنگ به چيو ويندو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب 15 جون 1950ع تي فرانس ۾ پيدا ٿيندڙ ميشيل لوتيتو 25 جون 2007 تي 57 سال جي عمر ۾ گذاري …

Read More »

آمريڪي فوجي اڏي پرل هاربر تي فائرنگ سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا

نيويارڪ: (خميس 05 ڊسمبر 2019ع) آمريڪا جي تاريخي  بندرگاهه پرل هاربر ۾ هڪ آمريڪي نيوي آفيسر جي انڌاڌنڌ فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. فائرنگ کان پوءِ نيول بيس کي گهيري ۾ ورتو ويو آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب فائرنگ ڪندڙ آمريڪي نيوي ۾ سيلر هو …

Read More »

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ فاسٽ بالر باب ولس لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن: (خميس 05 ڊسمبر 2019ع) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ فاسٽ بالر باب ولس لاڏاڻو ڪري ويو. پنهنجي زماني جي مشهوربالر جي عمر 70 سال هئي ۽ کيس ڪينسر جي بيماري هئي. 70 ساله باب ولس جڏهن 1984ع ۾ رٽائرڊ ٿيو ته سڄي دنيا ۾ ڊينس للي …

Read More »

سوئيڊن ڀارت کان والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سوئيڊن: (خميس 05 ڊسمبر 2019ع) سوئيڊن جي بادشاهه ڀارت کان والاريل ڪشمير مان ڪرفيو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سوئيڊن جي بادشاهه گستائو والاريل ڪشمير تي مشروط ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن راضي ٿئي ته مبصر جي حيثيت سان ٽياڪڙي جي لاءِ تيار آهيان. …

Read More »

ايران پاران آمريڪي دٻاءُ جي باوجود پاڙيسري ملڪن کي تيل وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

تهران: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) نائب صدر اسحاق  جهانگيري دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جي دٻاءُ  ۽ پابندين جي باوجود پاڙيسري ملڪ ايران کان تيل خريد ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي عالمي اقتصادي پابندين سان ڪوبه خاص نقصان ناهي ٿيو. ايران جي سرڪاري ٽيليويزن موجب نائب صدر اسحاق جهانگيري …

Read More »

شام ۾ اسڪول ۽ بازار تي هوائي حملن سبب ٻارن سميت ويهه ڄڻا مارجي ويا

ادلب: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) شام ۾ اتحادي فوج اسڪول ۽ بازار تي هوائي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب شام جي شهر ادلب جي علائقي ۾ هوائي حملا ڪيا ويا  جنهن سبب بازار ۽ …

Read More »

آمريڪا ۾ روزاني هڪ ڊاڪٽر پاران خودڪشي جو انڪشاف

واشنگٽن: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع)  آمريڪي ويب سائٽ جي رپورٽ ۾ آمريڪا ۾ روزاني هڪ ڊاڪٽر جي خودڪشي جو انڪشاف ٿيو آهي. آمريڪي خبرن جي ويب سائٽ(دي بل) پنهنجي خاص رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۾ ڪيل تازي سروي مان خبر پئي آهي ته عام ماڻهن ۽ ٻين …

Read More »