منگل , دسمبر 3 2019
Home / اہم خبرون / ڪراچي مان اغوا ٿي ويل دعا منگي ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي

ڪراچي مان اغوا ٿي ويل دعا منگي ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي

ڪراچي: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان قانون جي شاگردياڻي دعا منگي جي اغوا بابت ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي  سامهون آئي آهي جنهن موجب هي واقعو اغوا براءِ تاوان نه پر بدلو وٺڻ جو آهي

ذريعن موجب دعا جي پيءُ ٻڌايو آهي ته 10 ڏينهن اڳ دعا جو مظفر نالي  ڇوڪري سان جهيڙو ٿيو هو جنهن کان پوءِ دعا کي اغوا ڪيو ويو آهي. جاچ اختيارين موجب هي واقعو اغوا براءِ تاوان جو نه پر بدلو وٺڻ جو لڳي ٿو ڇو ته جيڪا گاڏي ان واردات ۾ استعمال ٿي آهي اها امڪاني طور تي اها گاڏي آهي جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ خالد بن وليد روڊ تان ڦر ڪئي وئي هئي.

اختيارين جو چوڻ هو ته واردات ۾ چار جوابدار ملوث آهن جن مان هڪ پنهنجو چهرو نقاب سان ڍڪي رکيو هو ۽ امڪاني طور تي ان جو سبب کيس سڃاڻپ جو خوف هو. پر هاڻ ان ڪيس جي جاچ سائوٿ پوليس سان گڏ اي وي سي سي کي به ڏني وئي آهي.

هوڏانهن پوليس  اختيارين جاچ جي بنياد تي شڪ ظاهر ڪيو آهي ته پي اي سي ايڇ سوسائٽي مان ڦر ڪيل ڪار کي دعا منگي کي اغوا ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان فيروز آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر اورنگزيب خان ٻڌايو ته 27 نومبر تي پي اي سي اڇ ايس بلاڪ 2 جي گهر نمبر 113 يو جي رهواسي واپاري دانيا ل جاويد کان ان جي گهر جي سامهون ڪار  ۾ سوار 4 جوابدار هنڊا سوڪ ڪار نمبر اي جي ايل 057 هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري ويا هئا جنهن جو ڪيس فيروز آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. جنهن کان پوءِ پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو جيڪي شاگرد آهن. ٻنهي کي جاچ جي لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

Check Also

لنڊن: برج تي حملو ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ عثمان خان جي نالي سان ڪئي وئي

لنڊن: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) برطانوي گادي واري شهر لنڊن جي برج تي چاقو سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے