منگل , دسمبر 3 2019
Home / خبرون / ڊسمبر ۾ سخت ٿڌ پوڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

ڊسمبر ۾ سخت ٿڌ پوڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) موسميات کاتي ڊسمبر جي ٽئين ۽ چوٿين هفتي ۾ سخت ٿڌ پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي  ڊسمبر  جي مهيني ۾ موسم جو آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ملڪ جي  اوڀر ۽ اتر وارن حصن ۾ معمول کان وڌيڪ  برساتن جو امڪان آهي جڏهن ته ڏاکڻي حصي ۾ معمول کان گهٽ برساتون پونديون.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڊسمبر ۾ اوڀر جي هوائن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو جنهن سبب ملڪ جي اوڀر وچ ۽ اتر وارن حصن ۾ وچوليون برساتون پونديون.

جڏهن ته ٻيون ۽ چوٿون هفتو وڌيڪ آلوده رهندو. اتر وارن علائقن ۾ موسم جي حوالي سان موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته اتر بلوچستان، ڪشمير ۽ ٻين اتر وارن علائقن ۾ برفباري جو  امڪان آهي. جنهن سبب گرمي پد معمول کان گهٽ رهندو.

ڏاکڻي حصي ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته وچولي ۽ ڏاکڻي پنجاب ۾ هلڪي ۽ سخت ڪوهيڙي پوڻ جو به امڪان آهي.

برساتن سبب پنجاب جي ميداني علائقن ۾ اسموگ ۽ ڪوهيڙو گهٽ ٿي ويندو.

Check Also

غداري ڪيس: قانون واري وزارت وڪيلن کي ادا ڪيل فيس جي ڄاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) قانون ۽ انصاف واري وزارت غداري جي الزامن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے