منگل , دسمبر 3 2019
Home / اہم خبرون / چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) چيف اليڪشن ڪمشنر ۽  ميمبرن جي مقرري  جي معاملي  تي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿوري دير ۾ شروع ٿيندو.

اجلاس ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي چونڊ ڪيل نالن تي غور ڪيو ويندو. 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن جو انگ گڏيل آهي.

پارلياماني ڪميٽي اليڪشن  جي ميمبرن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم  ۽ اپوزيشن اڳواڻ سنڌ ۽ بلوچستان جي لاءِ 3-3 نالا چونڊ ڪري ڇڏيا آهن.  وزيراعظم پاران سنڌ جي لاءِ جسٽس(ر) صادق ڀٽي، جسٽس(ر) نورالحق قريشي جا نالا ڏنا هئا. بلوچستان جي لاءِ فيض محمد ڪاڪڙ، مير نويد جان بلوچ ۽ امان الله بلوچ جا نالا چونڊ ڪيا ويا.

شهباز شريف بلوچستان مان شاهه محمود جتوئي، محمد رئوف، راحيله دراني جا نالا ڏنا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته  اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي نالن تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جو نالو به جلد طئي ٿي ويندو. فردوس عاشق اعواڻ جو ان معاملي تي چوڻ آهي ته اپوزيشن اڳواڻ جي خواهش تي چيف اليڪشن ڪمشنر نٿو لڳائي سگهجي.

حڪومتي اتحادين جي ڳالهين کان پوءِ گڏيل نالا سامهون آڻينداسين. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان پارليامينٽ هائوس  ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي وچ ۾ ملاقات ٿي.

چيئرمين سينيٽ جو چوڻ هو ته گڏيل نالا  پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪلي  ڇڏيا آهن. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اميد آهي ته ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويندو.

Check Also

قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت وارن نظرين تي پابند رهنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے