منگل , دسمبر 3 2019
Home / شوبز / ڀارت ۾ ڪانگريس پارٽي جي ريلي دوران پريانڪا گاندهي بجاءِ پريانڪا چوپڙا جا زوردار نعرا لڳايا ويا

ڀارت ۾ ڪانگريس پارٽي جي ريلي دوران پريانڪا گاندهي بجاءِ پريانڪا چوپڙا جا زوردار نعرا لڳايا ويا

نئين دهلي: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) ڀارت ۾ ڪانگريس پارٽي جي ريلي دوران بالي ووڊ جي اداڪاره پريانڪا چوپڙا جا زوردار نعرا لڳي ويا جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي نعرو هڻندڙ ڪانگريس اڳواڻن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.

ڪانگريس طرفان ڪڍيل هڪ ريلي جي دوران اڳواڻ پنهنجي پارٽي اڳواڻن جا نعرا هڻي رهيا هئا ته اوچتو انهن جي زبان ترڪي پئي جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي انهن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. جڏهن ته وڊيو به ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي.

وڊيو ۾ ڪانگريس اڳواڻ سونيا گاندهي زنده باد، ڪانگريس پارٽي زنده باد، راهول گاندهي زنده باد ۽ پوءِ پريانڪا گاندهي زنده باد بجاءِ پريانڪا چوپڙا زنده باد چيو ويو. پر ان باوجود به کين پنهنجي غلطي جو احساس نه ٿيو. جنهن کان پوءِ سندن پاسي ۾ بيٺل ماڻهن کين ياد ڏياريو ته هنن غلطي ڪئي آهي ته هو چپ ٿي ويا.

ان حوالي سان ڪجهه صارفين ان وڊيو مان محفوظ ٿي رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

Check Also

اداڪار حمزه علي عباسي ۽ اداڪاره نمل خاور جلد شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا

ڪراچي: (اربع 21 آگسٽ 2019ع) مشهور اداڪار حمزه علي عباسي ۽ اداڪاره نمل خاور جلد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے