منگل , دسمبر 3 2019
Home / اہم خبرون / وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو: آرمي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ مشورا ڪيا ويندا

وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو: آرمي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ مشورا ڪيا ويندا

اسلام آباد: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ 10 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم تي صلاح مشورا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي  موڊيز جي رپورٽ تي بريف ڪيو ويندو. اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر، سنڌ ۽ بلوچستان مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري بابت اهم فيصلن جو امڪان آهي.

ڪابينه ۾ سياسي، معاشي ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو. اقتصادي رابطه ڪميٽي ۽ سرمائيڪاري ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ واپڊا جا ميمبر پاور ۽ ميمبر واٽر جي عارضي مقرري جي منظوري به ڏني ويندي. چيئرمين اڪادمي ادبيات جي مقرري جو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

اجلاس ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۽ ڪمپيٽيشن ڪميشن پاڪستان  بابت بريفنگ ڏني ويندي.

Check Also

پاڪستان اسان کان ڪابه جنگ نٿو کٽي سگهي: ڀارتي بچاءُ واري وزير جون ڌمڪيون

نئين دهلي: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) ڀارتي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه هڪ دفعو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے