بدھ , دسمبر 4 2019
Home / شوبز / نيمل سان شادي: نيڪ خواهشن تي سڀني جو ٿورائتو آهيان: حمزه علي عباسي

نيمل سان شادي: نيڪ خواهشن تي سڀني جو ٿورائتو آهيان: حمزه علي عباسي

ڪراچي: (اڱارو 27 آگسٽ 2019ع) پاڪستان جي مشهور اداڪار حمزه علي عباسي ۽ نيمل خاور پنهنجي شادي شده زندگي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

حمزه علي عباسي ۽ نيمل خاور خان گذريل ڏينهن شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا جنهن کان پوءِ گذريل ڏينهن وليمي جي تقريب ٿي گذري. حمزه علي عباسي پنهنجي ٽوئٽ ۾ نڪاح جي هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪندي خوشي جو اطهار ڪيو ۽ سڀني جي طرفان ملندڙ محبت ۽ نيڪ تمنائن جو شڪريو ادا ڪيو.

وليمي جي تقريب ۾ حمزه علي عباسي سادگي کي برقرار رکندي ڪاري رنگ جي ڪُرتي ۽ شلوار جي چونڊ ڪئي جنهن جي مٿان هن واسڪٽ پاتي هئي. جڏهن ته نيمل خاور جهرمر ڪندڙ اڇي رنگ جو عروسي لباس پاتو جنهن ۾ هو انتهائي خوبصورت لڳي رهي هئي.

نئون شادي شده جوڙو تقريب ۾ خوبصورت نظر آيو جن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. وليمي جي تقريب ۾ شوبز ۽ سياسي شخصيتن به شرڪت ڪئي  ۽ ڪافي تصويرون ڪڍرايون. هوڏانهن مداحن ۽ ٻين جي طرفان شادي شده جوڙي کي مبارڪباد جو سلسلو جاري آهي.

Check Also

فنڪارن پاران وزيراعظم کان ريحان کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ جو مطالبو

ڪراچي: (اربع 21 آگسٽ 2019ع) شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ فنڪارن وزيراعظم کان درخواست ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے