منگل , دسمبر 3 2019
Home / اہم خبرون / مٽياري .رپورٽ . رياض چانڊيو)سرڪار آصف علي زرداري)

مٽياري .رپورٽ . رياض چانڊيو)سرڪار آصف علي زرداري)

سرڪار آصف علي زرداري جي صحت سان کيڏڻ بند ڪري نيازي سرڪار ايترو ظلم ڪري جيترو سڀاڻي سهڻ جي طاقت رکي پي پي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي .. مير گاجو خان ملاح

آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر رهائي ڪميٽي جي مرڪزي صدر مير گاجو خان ملاح جو چوڻ آهي ته پي پي قيادت کي سياسي بنيادن تي قيد ڪيو ويو آهي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر ڪنهن جرم نه پر ضمير جا قيدي آهن جن کي سياسي انتقام طور قيد ۾ رکيو ويو آهي هن چيو ته نيازي سرڪار آصف علي زرداري جي صحت سان کيڏڻ بند ڪري سرڪار پي پي قيادت تي ايترو ظلم ڪري جيترو سڀاڻي سهڻ جي طاقت رکي اهڙن خيالن جو اظهار هن مٽياري ميڊيا هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته رهائي ڪميٽي طرفان نوابشاھ ۾ 1500 ڪلاڪن جي بک هڙتال جاري آهي ٻئي پاسي 4 ڊسمبر تي ملير ڪراچي ۾ 72 ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪئي ويندي جڏهن ته 15 ڊسمبر تي مرڪزي صدر مير گاجو ملاح جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ ڪائونسل جو اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ پارٽي ڪي مڪمل صوبائي قيادت شرڪت ڪندي جنهن بعد 20 ڊسمبر تي رهائي ڪميٽي پاران مرد حر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ناجائز قيد خلاف پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ان موقعي تي آصف زرداري .فريال ٽالپر رهائي ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري نظام الدين ڪيريو ۽ رهائي ڪميٽي حيدرآباد ڊويزن جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ضمير خاصخيلي پڻ موجود هئا …

Check Also

وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو: آرمي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ مشورا ڪيا ويندا

اسلام آباد: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے