بدھ , دسمبر 4 2019
Home / خبرون / قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت وارن نظرين تي پابند رهنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت وارن نظرين تي پابند رهنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دستور پسندي، قانون جي حڪمراني، جمهوريت ۽ مساوات بابت پارٽي جي بنيادن نظرين تي پابند رهنداسين.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي 52هين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي پيغام م بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هارين، شاگردن، دانشورن ۽ پوئتي پيل طبقن کي طاقتور بنائڻ جي خاطر ان سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيو.

ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ايٽمي پروگرام جا خالق آهن. جنهن سبب پاڪستان ۽ ان جي خودمختياري ٻاهرين خطرن کان محفوظ آهي. ملڪ جو گڏيل دستور هڪ اهڙو جمهوري قدم آهي جنهن کي ڪوبه آمر چاهيندي به ختم نٿو ڪري سگهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي ڪشميرين جي جدوجهد ۽ سندن حقن جي حمايت ڪندي رهندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي جي 52 سالن کان ڊگهي جدوجهد تي ثابت قدم رهڻ جو عزم ڪريان ٿو. دستور پسندي، قانون جي حڪمراني، جمهوريت ۽ مساوات بابت پارٽي جي بنيادي نظرين تي پابند رهنداسين.

Check Also

دادو قتل ڪيس: عدالت قبرڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

دادو: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع)عدالت دادو ۾ مبينه طور تي غيرت جي نالي تي سنگسار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے