بدھ , دسمبر 4 2019
Home / اہم خبرون / غداري ڪيس: قانون واري وزارت وڪيلن کي ادا ڪيل فيس جي ڄاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

غداري ڪيس: قانون واري وزارت وڪيلن کي ادا ڪيل فيس جي ڄاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) قانون ۽ انصاف واري وزارت غداري جي الزامن تي اڳوڻي ڊڪٽيٽر جنرل(ر) پرويز مشرف جي لاءِ قانوني چاره جوئي ڪرڻ لاءِ وڪيلڻ ۽ ان کي ادا ڪيل فيس جي ڄاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته هي مخصوص وزارت آهي ان لاءِ عام شهرين جي آڏو جوابده نٿي ٿي سگهي.

رائٽ آف ايڪسس ٽو انفارميشن ايڪٽ 2017 جنهن کي آر ٽي آءِ جي طور تي سڃاتو ويندو آهي ان جي تحت هڪ ٽيڪس ڏيندڙ طرفان درخواست داخل ڪئي وئي هئي. جيڪو اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته عوام  طرفان ٽيڪسن جي مد ۾ ڏنل ان رقم کي وزارت ڪيتري منصفاڻي انداز ۾ استعمال ڪري رهي آهي. درخواست ڏيندڙ مختار احمد علي جي لاءِ اهو حيرت کان گهٽ نه هو ته وزارت ان کي اهڙين انڪوائرين لاءِ کيس نااهل قرار ڏنو هو.

وزارت پاران انڪار کان پوءِ مختار پاڪستان انفارميشن ڪميشن سان رابطو ڪيو جيڪا حڪومت جي خلاف درخواست ڏيندڙن طرفان داخل ڪيل شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آر ٽي آءِ قانون تحت جوڙي وئي هئي اپيلينٽ باڊي آهي. وزارت کي موڪليل جواب الجواب ۾ مختيار چيو ته ان جي درخواست کي  بنا ڪنهن غور جي رد ڪيو ويو آهي.

وزارت ان جي درخواست تي فيصلي جي دوران آرٽيڪل 18 اي ۽ رائٽ آف ايڪس ٽو انفارميشن ايڪٽ تي غور ڪرڻ جي زحمت به ناهي ڪئي. مختار وڌيڪ چيو آهي ته ڪابينه ڊويزن جو نوٽيفڪيشن جنهن جو حوالو ڏئي ان جي درخواست کي رد ڪيو ويو هو اها 2010 ۾ آئين ۾ آرٽيڪل 19 اي جي شموليت کان پهرين جاري ٿيو هو جنهن تحت ڄاڻ تائين پهچڻ هر شهري جو بنيادي حق قرار ڏنو ويو هو.

هن چيو ته ان لاءِ ڄاڻ تائين پهچڻ کي رد ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن تي ڀاڙڻ شهرين جي بنيادي حقن جي ڄاڻي واڻي خلاف ورزي آهي. هن مطالبو ڪيو ته مذڪوره نوٽيفڪيشن کي آئين جي آرٽيڪل 18 اي ۽ رائٽ آف ايڪس ٽو انفارميشن ايڪٽ 2017 جي تحت تڪراري قرار ڏيڻ جي ضرورت آهي.

Check Also

دادو قتل ڪيس: عدالت قبرڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

دادو: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع)عدالت دادو ۾ مبينه طور تي غيرت جي نالي تي سنگسار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے