بدھ , دسمبر 4 2019
Home / خبرون / شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ٽي نالا وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏيا

شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ٽي نالا وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏيا

اسلام آباد: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي جي لاءِ 3 نالا وزيراعظم عمران خان ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن.

جسٽس(ر) سردار رضا 6 ڊسمبر  2014ع تي چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو سنڀاليو هو ۽ ان جي ملازمت  وارو مدو 6 ڊسمبر تي مڪمل ٿي ويندو. نئين چيف اليڪشن ڪمشنر  جي مقرر وقت تي مقرري نه ٿي ته 7 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن غير فعال ٿي ويندو ڇو ته ڪميشن جا سنڌ ۽ بلوچستان جا 2 ميمبر پهريان ئي رٽائرڊ ٿي چڪا آهن.

اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي لاءِ وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو آهي. شهباز شريف خط ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ 3 نالا وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏيا. عمران خان کي لکيل خط ۾ شهباز شريف چيو  آهي ته  منهنجي خيال ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ هي 3 نالا اهل آهن بنا ڪنهن دير جي ان 3 نالن تي غور ڪيو وڃي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ طرفان ناصر محمود کوسه، جليل عباس جيلاني ۽ اخلاق احمد تارڙ جا نالا نئين اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ  نالا چونڊ ڪيا ويا آهن.

Check Also

دادو قتل ڪيس: عدالت قبرڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

دادو: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع)عدالت دادو ۾ مبينه طور تي غيرت جي نالي تي سنگسار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے