منگل , دسمبر 3 2019
Home / عالمي / شام ۾ اسڪول ۽ بازار تي هوائي حملن سبب ٻارن سميت ويهه ڄڻا مارجي ويا

شام ۾ اسڪول ۽ بازار تي هوائي حملن سبب ٻارن سميت ويهه ڄڻا مارجي ويا

ادلب: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) شام ۾ اتحادي فوج اسڪول ۽ بازار تي هوائي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب شام جي شهر ادلب جي علائقي ۾ هوائي حملا ڪيا ويا  جنهن سبب بازار ۽ اسڪول به ان جو نشانو بڻيا. حملي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا  جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته حڪومتي فورس ۽ ويڙهاڪن وچ ۾ چڪرين دوران 50 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن.

شام ۾ انساني حقن جي مبصر جو چوڻ آهي ته هوائي حملا 2 مارڪيٽن ۽ اسڪول جي ويجهو ڪيا ويا. مارڪيٽن تي حملي ۾ 11 جڏهن ته اسڪول تي حملي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا. جن ۾ ٻار به شامل آهن. ريسڪيو ادارن امدادي ڪمن جي شروعات ڪندي مارجي ويلن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو جتي 4 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

  ياد رهي ته شام جي مختلف علائقن ۾ ويڙهاڪن  کان قبضو ختم ڪرايو ويو آهي پر ادلب جي قبضي لاءِ ڪجهه  علائقن ۾ اڃان به چڪريون جاري آهن. پر ان  ۾ گهڻو ڪري معصوم شهرين کي جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو آهي.

Check Also

عراق جي وزيراعظم استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڪري ڇڏيو

بغداد: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) عاق ۾ 2 مهينن کان جاري تشدد واري احتجاج ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے