منگل , دسمبر 18 2018
Home / خبرون / سڪرنڊ ۾ امداد شاھ فائونڊيشن ليڊيز ڪلب پاران ووٽ جي اهميت بابت سيمينار

سڪرنڊ ۾ امداد شاھ فائونڊيشن ليڊيز ڪلب پاران ووٽ جي اهميت بابت سيمينار

سڪرنڊ:سومر 02 جولاءِ 2018ع: امداد شاھ فائونڊيشن ليڊيز ڪلب پاران سڪرنڊ ۾ “ووٽ سجاڳيءَ لاءِ”جي موضوع تي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ موضوع جي مناسبت سان الڳ الڳ مقررن جن ۾ امداد فائونڊيشن جو چيئرمين پروفيسر انعام ڀٽي، سمس اسڪول جي ڊاريڪٽر ۽ امداد فائونڊڊيشن جي ليڊيز ڪلب جي انچارج ميڊم تبسم کوسو ۽ نامياري ليکڪ قاضي جاويد سنائي شامل هئا، تن ووٽ جي اهميت ۽ ان جي ادائگي تي تفصيلي روشني وجهندي چيو ته ووٽ قومي امانت آهي، جيڪو آئيندي جي بهتري جي ضمانت پڻ آهي، اسان جي ذميواري آهي ته اسين اهڙي اميدوار جي چونڊ ڪريون جيڪو اسان جي بنيادي مسئلن کانسواءِ ملڪي قانون سازي بابت پڻ  نه صرف ڄاڻ رکندڙ هجي پر منجهس خلوص پڻ هجي.

هنن چيو ته بدقسمتي سان ٿيندو ايئن پيو اچي ته اسين جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان ۾ اسين سڀ خاص ڪري عورتون صرف لڪير جي فقير هونديون آهن. اسين ووٽ ڏيون پيا اهو اميدوار ووٽ جي لائق آهي به يا نه ووٽ ڏيڻ کانپوءِ هو، پنهنجي ذميواري نڀائي سگهندو يا نه، جيڪڏھن اسان جي معيار تي پورو نٿو لهي ان باوجود اسين سندس احتساب ڪرڻ بدران کيس بار بار ووٽ ڏيندا رهون ته پوءِ معاشري جي بگاڙ، تعليم جي تباهي ۽ صحت جي خرابي سميت انيڪ مسئلن جا ذميوار اهي چونڊيل نمائنده نه پر اسين پاڻ ووٽر آهيون.

مقررن اهو پڻ ٻڌايو ته سنڌ ۾ سياست جي پليٽ فارم تان جيڪڏھن ڪنهن سگهارو ڪردار ادا ڪيو آھي ته اهو سيد امداد محمد شاھ هو، جنهن ووٽ جي لڄ ۽ ووٽرن جي اهميت کي نه صرف سڃاتو پر چونڊجڻ کانپوءِ اهي سڀ حق ادا ڪيا، جيڪي اسان جي اميدن موجب هئا.

اسان سنڌ واسين خاص ڪري سڪرنڊ واسين جي اها خوش قسمتي آهي، جو امداد شاھ جي وفات کانپوءِ سندس لائق فرزند سيد زين شاھ پڻ ساڳيو خدمتن وارو جذبو رکي ٿو، هاڻي اسان جي ذميواري آهي ته اهڙن سچن ماڻھن کي ايوانن تائين پهچايون ته جيئن هو اسان جي ترجماني ڪري سگهن.01

Check Also

برٽش ايئرويز جي پهرين اڏام جي اچڻ جو انتظار آهي: برطانوي هاءِ ڪمشنر

 اسلام آباد: اڱارو 18 ڊسمبر 2018ع: برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿومس ڊريو جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے