منگل , دسمبر 3 2019
Home / خبرون / سڪرنڊ رپورٽ حاجي عبد الله مگسي

سڪرنڊ رپورٽ حاجي عبد الله مگسي

! خصوصي (معذور) ٻارڙن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان خصوصي ٻارڙن جي ھمت افزائي ۽ انھن جي اھميت ۽ مقام معاشري ۾ اجاگر ڪرڻ لاء گورنمينٽ اسپيشل اسڪول سڪرنڊ پاران پرنسپال نظير احمد چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ چانڊيا پيٽرول پمپ کان سڪرنڊ پريس ڪلب تائين جاڳرتا واڪ ڪيو ويو جنهن ۾ خصوصي ٻارڙن سان گڏ شهر جي معزز شخصيتن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي جتي مختلف اڳواڻن خطاب ڪيو ريليءَ ۾ اسڪول جي انتظاميه ٻارڙن لاءِ ضرورتون ٻڌايون ويون جنهن ۾ اسڪول جي بلڊنگ جو نه هجڻ ۽ ٻارن لاءِ درسي ڪتابن جو پڻ نه هجڻ شامل هو جنهن بعد انھن ٻارڙن جي درسي ضرورتن کي مد نظر رکندي سڪرنڊ شھري اتحاد جي صدر محمد مراد خانزاده ۽ ھمدرد سپورٽ پروگرام جي چيئرمين قاضي جاويد سنائي پاران درسي ڪتاب ڏيڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي عبدالحميد آرائين ، محمد نواز خاصخيلي ،  قربان شاھ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو  ٻئي پاسي الخدمت فائونڊيشن سڪرنڊ پاران اڄوڪي عالمي ڏينهن جي حوالي سان 20 معزور مستحق ماڻھن ۾ ويل چيئرز ورهايون ويون ان سلسلي ۾ الخدمت آفيس سڪرنڊ ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪراچي مان الخدمت ڪميونٽي سروسز جي ڊاريڪٽر عبدالرحمان ، مينيجر وقاص احمد ۽ سيف الله سومرو پڻ شرڪت ڪئي جن الخدمت جي خدمتن جي تاريخي حوالي سان تفصيل ٻڌايا جڏھن ته ڪنور راشد مڪرم اڄوڪي پروگرام جي افاديت تي تفصيلي ڳالهايو پروگرام کي محمد صديق منگيو ، محمد مراد خانزاده ، آفتاب احمد چانڊيو ، ڊاڪٽر منصور قريشي ، ڊاڪٽر نصير احمد ميمڻ ، سيد قربان شاھ ، خير محمد چنه، عارف حصاريه ، وارث نوناري. حسين بخش ڪيريو ، غلام مصطفيٰ جلالاڻي ، محمد اسلم شيخ پڻ خطاب ڪيو

Check Also

ڪرپشن ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) پاڪستان پيپلز پارٽي به(ن) ليگ جي نقش قدم تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے